SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Medecins sans Frontieres MSF

(click word to listen sound
  • 🔊
  • medecins
  • sans
  • frontieres
  • msf
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Medecins sans Frontieres MSF

مديسين سان فرونتيئر

عالمي تندرستيءَ جو ادارو

1971ع ۾ انساني ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ مشهور تنظيم ”انٽرنيشنل ريڊ ڪراس“ (IRC) جي طرفان ”ميڊيسنس سان فرنٽتيري“ (MSF) جي فرينچ نالي ۾ هڪ نئين ٺهيل شعبي کي متعارف ڪرايو، جيڪو وقت سان گڏ اُسرندو ويو. هن وقت ”ايم ايس ايف“ دُنيا ۾ عام ڀلائيءَ جو تمام وڏو ادارو آهي، جنهن جو بُنيادي ڪم بيمارين کان مُتاثر ماڻهن جو مفت ۽ سهولتن ڀريو علاج ڪرڻ آهي. يورپ جي ڇهن ۽ دُنيا جي ٻين ٻارنهن مختلف ملڪن ۾ ”ايم ايس ايف“ ڪم ڪري رهي آهي.ڪنهن ملڪ ۾ سياسي يا جنگي حوالي سان حالتون خراب ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿيل هنگامي ۽ انساني الميي جوڳي صورتحال ۾، هيءَ تنظيم پنهنجي- مُنهن يا سماجي ڀلائيءَ جي ٻين بين الاقوامي، علائقائي يا مقامي ادارن سان گڏجي بحاليءَ جو ڪم ڪندي آهي. ”ايم ايس ايف“ سان لاڳاپيل ماهر يا خاص عملو، جهڙوڪ ڊاڪٽر، نرسون، سرجن ۽ ٻيا آفيسر، ڪنهن به نسلي يا لساني متڀيد کان آزاد ٿي ڪم ڪن ٿا. ايمرجنسيءَ واري صورتحال ۾، ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ هيءَ تنظيم صفائيءَ ۽ صحت جي هر معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. ”ايم ايس ايف“ پاران ڪيترائي رضاڪار آفريقي کنڊ جي مختلف ملڪن جي عوام ۽ ٻي آبادي کي صحت جي بنيادي مقصدن بابت تعليم ۽ آگاهي ڏيندا آهن. هيءَ تنظيم اڄوڪي دور ۾ به، دُنيا جي مختلف مُلڪن ۾ تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي سهولتن کي مفت مُهيا ڪرڻ ۽ ان حوالي سان گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش وٺي رهي آهي


Remember Me Also:

واقعا

واقعا جمع واقعائون

ث . وڏي تڪليف. وڏي مصيبت. وڏو واقعو مثلا ڪنهن جا سڀ پٽ مارجي ويا ته چوندا. فلاڻي سان ڪهڙي واقعا ٿي؟.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal